اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي مهارت ۽ صلاحيتن تي پڪو اعتماد جو اظهار ??ندي چيو آهي ته نوجوان پنهنجي خداداد صلاحيتن سان سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ??ري سگهن ٿا، پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن پروگرامن کي ف??وغ ڏنو وڃي جن جو ??قصد مختلف شعبن ۾ انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي ف??وغ ڏيڻ هجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيشنل انوويشن ايوارڊ اسان جي نوجوانن جون تخليقي صلاحيتون پيش ڪرڻ جي صلاحيت کي اڀاري ٿو جن کي موثر منصوبن ۾ آڻي سگهجي ٿو، 20 هزار درخواست ڏيندڙن مان 100 ذهين نوجوانن ۾ 16 ڪروڙ رپين جي روڪ رقم ورهائي وئي، ان ۾ 20 لک رپين تائين جو ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو پيش ڪيل آئيڊياز جي غيرمعمولي نوعيت تي ٻڌل آهي. وزيراعظم يقين ظاهر ڪيو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن پروگرامن کي ف??وغ ڏنو وڃي جن جو ??قصد مختلف شعبن ۾ انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي ف??وغ ڏيڻ هجي جيڪو اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم آهي. شهباز شريف چيو ته انهن کي پنهنجي باصلاحيت نوجوانن جي مهارت ۽ صلاحيت تي پڪو اعتماد آهي ته اهي رستي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ??ري سگهن ٿا، پنهنجي هوشيار نوجوانن سان ملڻ سدائين خوشي جو سبب بڻجي ٿو.