اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خو??شيد شاهه، وزي??اع??م جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سينيٽر نثار کهوڙو شا??ل هئا. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا. وفد معاشي مشڪلاتن جي باوجود بجيٽ ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن تي وزي??اع??م کي خراج تحسين پيش ڪيو.