پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀڃ ڊاهه، جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جون سازشون بي نقاب ٿي چڪيون آهن، ان فارن ايجنٽ اقتدار جي هوس ۾ ملڪ جي خلاف سازشون ڪيون، 9 مئي جو ڪارو ڏينهن پا??ست??ن جي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو، پي ٽي آء?? جي شرپسندن ريڊيو پا??ست??ن جي عمارت کي ساڙيو، پي ٽي آءِ حڪومت ساڍا ٽي سئو ڊيم ٺاهڻ بدران ماڻهن کي بيوقوف بڻايو، خيبرپختونخواهه ۾ ان جي پنهنجي حڪومت احتساب ڪميشن کي تالو لڳائي ڇڏيو هو، شهرين کي سئنيما هائوسز تائين سستي پهچ کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي قيادت ۾ پا??ست??ن ترقي جي راهه تي گامزن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پا??ست??ن پشاور جي سڙيل عمارت جي بحالي ۽ رنگ روغن جي ڪم جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته فارن ايجنٽ ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سي پيڪ منصوبو روڪڻ جي لاءِ هن چين جي صدر جي پا??ست??ن جي دوري ۾ به رڪاوٽون وڌيون هيون. هن چيو ته نااهل، چور کي گذريل سال اپريل ۾ پا??ست??ن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي اعتمادي رٿ جي ذريعي پارليامينٽ کان ٻاهر اڇلايو ويو. ان سياسي يتيم اقتدار جي هوس ۽ پنهنجي ڪرپشن ۽ چوري تان نظرون هٽائڻ جي لاءِ اڳ ۾ سائفر لهرايو، جڏهن اها سازش ناڪام ٿي ته هن 25 مئي تي حالتون خراب ڪيون، لانگ مارچ جو اعلان ڪيو. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته جڏهن پوليس وارنٽ کڻي زمان پارڪ پهتي ته هن پوليس تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا، پوليس ۽ رينجرز جون گاڏيون ساڙيون. هن چيو ته توشه خانه چوري، 190 ملين پائونڊ جي چوري، القادر ٽرسٽ ۽ ممنوعه فنڊنگ جو حساب ڏيڻ جي ڳالهه اچي ته هي بالٽي ۽ ڊسٽ بن رکي پا??ست??ن جي عدالت ۾ وڃي ٿو ته منهنجي چوري، ڪرپشن ۽ اعمالن جو مون کان جواب نه ورتو وڃي. هن چيو ته 9 مئي جهڙو ڪارو ڏينهن پا??ست??ن جي تاريخ ۾ سدائين ان نالائق، نااهل، فارن ايجنٽ سان ڳنڍيل رهندو. ان ڏينهن ريڊيو پا??ست??ن جي چار ماڙ عمارت کي پيٽرول اڇلائي باهه هنئي وئي ۽ ٻن ڏينهن تائين اهي هتي حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. هتي ريڊيو پا??ست??ن جا سمورا آرڪائيوز موجود هئا، چاغي جبل جي علامت کي ساڙيو ويو، چوٿين منزل تي موجود اي پي پي جي آفيس کي به ساڙيو ويو. هن ريڊيو پا??ست??ن جي انجنيئرز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ريڊيو پا??ست??ن جي انهن انجنيئرز فوري طور تي ٽرانسميشن کي بحال ڪيو. هن چيو ته ريڊيو پا??ست??ن تي حملي آور اهي ئي ڪڌا چهرا آهن جن اڳ ۾ پي ٽي وي تي حملو ڪيو ۽ هاڻي ريڊيو پا??ست??ن جي آرڪائيو کي ساڙيو جنهن تي قوم انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن چيو ته ريڊيو پا??ست??ن جي اسٽوڊيو جي رنگ روغن جي شروعات ٿي وئي آهي، وزيراعظم هنگامي طور تي اسٽوڊيو جي بحالي جو حڪم ڏنو آهي. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته لاهور ۾ ريڊيو پا??ست??ن جي اندر سئنيما جو بنياد رکيو ويو آهي، ان قدم جو مقصد پا??ست??ن جي عوام کي سستي سئنيما پهچ فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پشاور جي اندر ڪيترائي مشهور سئنيما هائوسز هئا جتي نوجوان پنهنجي ثقافت مان مستفيد ٿيندا هئا. هن چيو ته پوري ملڪ ۾ ريڊيو پا??ست??ن جي سروسز جي اندر سئنيما گهر ٺاهيا ويندا. ان کانسواءِ پا??ست??ن جي تاريخ جو موسيقي جو خزانو ڊيجيٽل نيشنل آرڪائيوز جي اندر سهيڙيو پيو وڃي ته جيئن پا??ست??ن جي عوام ان مان فائدو کڻي سگهي. هن چيو ته وزيراعظ۾ بجيٽ ۾ ريڊيو پا??ست??ن پشاور جي عمارت جي رنگ روغن جي لاءِ رقم رکي آهي، ان ۾ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت به پنهنجو حصو وڌو آهي جنهن تي خيبرپختونخواهه حڪومت جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهينديس. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پا??ست??ن کي تعمير ڪندڙ پارٽي آهي جيڪا سرهه سان سرهه ڳنڍي ٿي، جنهن سدائين اتحاد، برداشت ۽ و??اق?? اڪائين کي ڳنڍڻ جو پيغام ڏنو. هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي طرف گامزن آهي. اطلاعات واري و??اق?? وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آء?? جي فسادين اڳ ۾ ڊي چوڪ تي فساد مچايو، عمارتون ٽوڙيون، انهن عمارتن کي اسان ٻيهر ٺاهيو، اسان پا??ست??ن کي تعمير ڪندڙ پارٽي آهيون، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي قيادت ۾ انهن سمورين شين کي بحال ڪنداسين ۽ ان کي پنهنجي حالت ۾ بهتر ڪري پا??ست??ن جي عوام کي ڏينداسين. هن چيو ته ريڊيو پا??ست??ن پشاور جي بحالي جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري سهيل علي خان، ڊي جي ريڊيو طاهر حسن سميت انجنيئر امير مقام جا ٿورا مڃان ٿي. انجنيئر امير مقام منهنجي حوصلا افزائي ڪئي، هو مون سان گڏ آيو. هن چيو ته امير مقام جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) جي قيادت ڄمي انهن سازشين جي غنڊه گردي جو مقابلو ڪيو، پي ٽي آء?? جي چار سالن ۾ هن صوبي جي اندر ترقي جو هڪ منصوبو به نه لڳو، جتي ساڍا ٽي سئو ڊيم ٺهڻا هئا اتي ماڻهن کي ڊيم فول بڻايو ويو. هن چيو ته هتي يونيورسٽيون ۽ اسڪول ٺاهڻ جو واعدو ڪيو هو، هي اسپتال جي اندر هڪ ڪمري تائين نه ٺاهي سگهيا. خيبرپختونخواهه ۾ انهن جي پنهنجي حڪومت هئي ۽ هتي احتساب ڪميشن کي چار سالن تائين تالو لڳائي رکيو. هن چيو ته پي ٽي آء?? جي شرپسندن 9 مئي تي شهيدن جي يادگارن کي ساڙيو، مسجدون ٽوڙيون، ايمبولينس ساڙيون، اسڪول ساڙيا، اسپتال ساڙيا. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته خيبرپختونخواهه جي باوقار قوم ڪڏهن به ان فتني ۽ سازشي کي ووٽ نه ڏيندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي ماڻهن سدائين پا??ست??ن جي تعمير ۾ حصو وڌو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن هاڻي ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ ڊي جي ريديو طاهر حسن چيو آهي ته جلد کان جلد هتان جي علائقائي ثقافت ۽ ورثي کي ڊيجيٽلائيز ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ وقتن ۾ ڪڏهن به ڪو سانحو ريڊيو پا??ست??ن جي آرڪائيوز کي نقصان نه پهچائي سگهي. ان کان اڳ اطلاعات واري وزير ريڊيو پا??ست??ن پشاور جي بحالي جي ڪمن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو سيڪريٽري سهيل علي خان، ڊي جي ريڊيو طاهر حسن سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.