اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف آء?? ا??م ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀنور مان جلد نڪري ايندا. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. و??ير??عظم شهباز شريف آء?? ا??م ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيا. و??ير??عظم چيو ته توهان پاڪستان جي دوست ۽ خيرخواهه جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي عوام پاران توهان جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها بااعتماد دوست آهن، علائقائي ترقي ۽ امن جي لاءِ سريلنڪا جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀنور مان جلد نڪري ايندا. سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي و??ير??عظم پاران نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا ۽ جوابي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اسان جو ويجهو دوست آهي، دوستن جي مدد ڪرڻ ئي دوستي آهي. سريلنڪا جي صدر و??ير??عظم شهباز شريف جي مشڪل حالتن ۾ ڪوششن کي ساراهيو. سريلنڪا جي صدر آء?? ا??م ايف معاهدو طئي ٿيڻ تي و??ير??عظم کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته و??ير??عظم شهباز شريف جي آء?? ا??م ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽڙ ڪرسٽلينا جارجيوا سان ملاقات جي موقعي تي سريلنڪا جي صدر زور ڏنو هو ته آء?? ا??م ايف پاڪستان جي مدد ڪري. سريلنڪا جي صدر ايم ڊي آء?? ا??م ا??ف کي چيو هو ته ڪنگال ٿيڻ جي ڪري سريلنڪا کي سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻو پيو، پاڪستان کي ان صورتحال کان بچايو وڃي.