اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان اردن سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو ??واهشمند آهي. صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار پاڪستان ۾ اردن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ابراهيم يالا المدني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻ??هي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفادن جي لاءِ اردن سان اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻ??هي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ سياسي، ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا تي زور ڏنو. صدر اردن جي امن ڪوششن ۽ سياسي ۽ سفارتي ذريعن ??ان فلسطين ??ي مسئل?? جي حمايت کي ساراهيو. هن فلسطين ??ي عوام جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن ??ي گهري ڳڻتي جو ??ظهار ڪندي صدر عالمي برادري پاران اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته بين ??لمذاهب هم آهنگي، رواداري ۽ هڪ ٻئ?? جي مذهب جي گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اردن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي پاڪستان ۾ قيام دوران ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.