اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان غيرقانوني طور تي ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ جبر جو هڪ نئون دور شروع ڪيو آهي، ميڊيا کي دٻائڻ ۽ ڪشميري عوام جي حقيقي قيادت کي خاموش ڪر?? جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. يوم استحص??ل ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي ياد ڪر?? جو هڪ سنجيده موقعو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن ڏينهن ڀارت آءِ آءِ او جي ڪي، جي خاص حيثيت کي ختم ڪيو ۽ ان کي ٻن حصن ۾ ورهايو. هن چيو ته ڀارت خطي جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ۽ ڪشميري عوام جي حق خوداراديت کي مجروح ڪندي نام نهاد يونين ٽيريٽريز قائم ڪري ڇڏيون. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي قدمن سان آبادياتي تبديلي ۽ سياسي انجنيئرنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪشميري عوام کي پنهنجي ئي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت بڻج?? جو خطرو درپيش آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ جبر جو هڪ نئون دور شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته تازو ئي ڀارتي عملدارن ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ لاءِ موت جي سزا جو مطالبو ڪيو آهي، بيگناهه ماڻهن کي هراسان ڪرڻ، گهيراءَ ۽ تلاشي جون ڪارروائيون ۽ عدالت کان مٿانهان قتل روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي بنيادي اظهار جي آزادي، اجتماع ۽ مذهب کان محروم آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته هو پنهنجي سڃاڻپ جي خود اراديت واري حق کي استعم??ل ڪرڻ کان به قاصر آهن. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سميت پنهنجي سڀني پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا قائم ڪر?? جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، ڄمون ڪشمير تڪرار جي حل تي ٻڌل آهي. پرڏيهي وزير عالمي برا??ري کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي سنگين ۽ وسيع پئماني تي خلاف ورزين جي خاتمي جو مطالبو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي واپسي سخت ق??نونن جي رد ٿيڻ ۽ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ذريعي ڄمون ڪشمير تڪرار جي ڌر طور پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق آزاد ۽ غيرجانبدار راءِ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي خودراديت واري حق جي حاصل ڪرڻ تائين اسان جي ڀرپور ۽ ثابت ق??م اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي.