ڪراچي – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صاف، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، ??گران حڪومت چونڊن جي لاءِ ماحول سازگار بڻائيندي، ??يڊيا چونڊن دوران ا??يڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو ه??ند?? آهي، چونڊن ۾ عوام تائين صحيح معلومات جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ مستنند رپورٽنگ سڀ کان ا??م آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ، چونڊ عمل دوران ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه رکيو ويندو، سمورين سياسي پارٽين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته ميديا چونڊن دوران ا??يڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو ه??ند?? آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن جي لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته چونڊن ۾ مستنند رپورٽنگ سڀ کان ا??م آهي ته جيئن عوام تائين صحيح معلومات جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.