اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو فلسطين جو مسئلو ۽ فلسطيني عوام خاص طور تي غزه جي شهرين جي نسل ڪشيءَ تي واضح موقف آهي. پنهنجي ٽ??ئي?? ۾ هن چيو ته پا??ستان جده ڪانفرنس جي محرڪين مان هڪ آهي، اسان جو نگران پرڏيهي وزير هن وقت بيجنگ ضرورت هجڻ جي باوجود او آءِ سي جي اجلاس ۾ پا??ستان جي نمائندگي ڪندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم اڳ ۾ ئي فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سميت بيجنگ ۾ موجود عالمي اڳواڻن آڏو اٿاري چڪو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسان جو مستقل نمائندو به ان معاملي تي متحرڪ انداز ۾ آواز اٿاري رهيو آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته پا??ستان جو اهو موقف پا??ستان ۽ ٻاهرئين ملڪ خبرن ۾ اج??گر به ٿيو آهي.