راولپنڊي-24 نومبر(اي پي پي) امام ڪعبه شيخ صالح بن عبدالله بن حميد پا?? فوج جي سربراهه ??نرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق هيءَ ملاقات جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي. آرمي چيف معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته امام ڪعبه جو پا??ستان اچڻ پا??ستاني عوام لاءِ اعزاز جي ڳالهه ??هي. هن چيو ته سڄي دنيا جا مسلمان حرمين الشريفين سان بي پناهه ??قيدت رکن ٿا ۽ گهرو احترام رکن ٿا. امام ڪعبه چيو ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو مذهب آهي، اسلام جي غلط تشريح جي ڪابه گنجائش ناهي. ٻنهي معزز شخصيتن غزه تڪرار ۾ جاري ظلم ۽ غير قانوني والاريل ڄمون ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪئي ۽ فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. آرمي چيف چيو ته پا??ستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مثالي، تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن ۽ پا??ستانين جي دلين ۾ مملڪت سعودي عرب جي انوکي عقيدت کان علاوه ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ نظرياتي اتحاد تي ٻَڌل مضبوط اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن. آخر ۾ امام ڪعبه اُمت جي امن استحڪام ۽ اتحاد لاءِ دُعا ڪئي.