اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جي وڌندڙ بحران کان بچائڻ جي لاءِ زراعت ۾ ڊرپ ۽ اسپري ايريگيشن جهڙن پاڻي جي گهٽ خرچ ۽ سمارٽ طريقن کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آه??، زرعي شعبو ملڪ جو اٽڪل 95 سيڪڙو پاڻي استعمال ڪري ٿو جنهن جي لاءِ پاڻي جي استعمال ۾ بچت جي حوالي سان فوري منصوبابندي ۽ سڌارا ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ منعقد موسمياتي لحاظ کان لچڪدار پاڪستان ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي نظام جي لاءِ ت??دي??ي جي رستي جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ خطاب ۾ ڪيو. ڪانفرنس جو اهتمام انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ، پاڪستان ڪائونسل ريسرچ واٽر ريسورسز، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت، پاڻي وسيلن واري وزارت، موسمياتي ت??دي??ي واري وزارت ۽ يونيسيف ڪيو جنهن ۾ عالمي ۽ مقامي پاڻي ماهرن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان کي پنهنجي موجوده پاڻي وسيلن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ موثر انتظام جي ضرورت آه??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان موسمياتي ت??دي??ين ۽ قدرتي آفتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ دنيا جي 10 سرفهرست ملڪن ۾ شامل آه??. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش پاڻي جو ب??ران سڀ کان اهم چئلينجن مان هڪ آه?? جيڪو آبادي ۾ تيزي سان اضافي، شهرن جي ڦهلاءُ، صنعتڪاري، پاڻي وسيلن جي کوٽ، ماحولياتي بگاڙ، موسمياتي ت??دي??ين ۽ غيرمعقول انساني روين جي ڪري وڌي ٿو. هن هيٺئين سطح تي جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تحقيق ۽ فني جدت تي زور ڏنو ۽ چيو ته آبادگارن کي پاڻي جي تحفظ، برسات جي پاڻي کي زخيرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجي بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آه??. هن وڌيڪ چيو ته ڪميونٽي جي شموليت ۽ قانونن جو نفاذ پاڻي جي موثر انتظام ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جا آبادگار آبپاشي جي روايتي طريقن تي دارومدار ڪن ٿا جنهن سان پاڻي ضايع ٿئي ٿو جڏهن ته دنيا ڊرپ ۽ اسپري آبپاشي ۽ پاڻي جي ري سائيڪلنگ تي عمل ڪري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن آبادگار متبادل فصل جي چونڊ ڪن ته جيڪو پاڻي جي استعمال جي حوالي سان گهٽ خ??چ ٿئي ته فرق پئجي سگهي ٿو. ان موقعي تي صدر هالينڊ جو حوالو ڏنو جيڪو زميني ڪاٿي ۾ پاڪستان کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آه?? پر بهتر طريقا استعمال ڪري خوراڪ جي مصنوعات جو ٻيو وڏو ب??آمد ڪندڙ بڻجي ويو آه??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي روين ۾ ت??دي??ي تي زور ڏيندي چيو ته پاڻي جي استعمال جا اهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن جيڪي سستا ۽ فني طور تي بهتر هجن. پاڻي جي زيان کان بچڻ جي لاءِ زراعت ۽ شهري علائقن ۾ پاڻي جي قيمتن جو تعين ضروري آه??. هن چيو ته اسان کي ٽيلي ميٽري سسٽم کي بهتر بڻائڻو آه?? ۽ پاڻي جي منصفاڻي استعمال تي صوبن جي وچ ۾ اعتمادسازي جو نظام تيار ڪرڻو آه??، ان ڏس ۾ سيٽلائيٽ ٽيلي ميٽري سسٽم مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن نشاندهي ڪئي ته واٽر پمپنگ پاڻي ذخيرن جي سطح کي متاثر ڪيو آه?? ۽ ان جي کوٽ کان بچڻ جي لاءِ روايتي پاڻي ذخيرن کي ري چارج ڪرڻ جي طريقن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر صنعتي گندڪچري کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ کان بچڻ جي لاءِ پاڻي جي نيڪالي جي موثر نظام جي ضرورت تي پڻ ??ور ڏنو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز ڊاڪٽر حفضه رشيد، انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ مان ڊاڪٽر بنيود هوماتوف ۽ ڊاڪٽر جوآن ڪارلوس سانچيز راميرز، انٽرنيشنل فوڊ پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ مان ڊاڪٽر اسٽيفن ڊيوس ۽ آسٽريلين سينٽر فار انٽرنيشنل ايگريڪلچرل ريسچر مان ڊاڪٽر نيل لازارو پڻ ??طاب ڪيو.