ڊيووس – 18 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان بن عبدالله ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي ت?? ملاقات ڪئي ۽ ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ب??ائ?? بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ اه??يت تي زور ڏنو جيڪي گڏيل ثقافتي ورثي ۽ گڏيل مفادن سان واڳيل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن سميت ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ب??ائ?? جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ انتهائي احترام جا جذبا رکي ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا علائقائي استحڪام جو ذريعو آهن.