اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف تيل ۽ گئس جي ڳولا، ريفائننگ ۽ ورڇ ۾ نجي ش??بي ۽ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ، رمضان المبارڪ ۾ صارفين کي بجلي ۽ گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، و??ير??عظم گئس ۽ تيل جي ش??بي جي گردشي قرض کي ختم ڪرڻ ۽ ان مسئلي کي پائيدار حل جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي طلب ڪري ورتي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پيٽروليم جي ش??بي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽر اسحاق ڊار، سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ، شيزه فاطمه خواجه، احد خان چيما، جهانزيب خان، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پيٽروليم ۽ گئس جي ش??بي جا گردشي قرض، ٽائٽ گئس ۽ سمنڊ هيٺ قدرتي گئس ۽ پيٽروليم جي ذخيرن جي ڳولا، انهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ ان شعبي ۾ عالمي سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا تيزي سان گهٽ ٿي رهيا آهن ۽ ملڪي کپت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ساليانو 4 ارب ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪئي پئي وڃي، مقامي سطح تي ڳولا سان اربين ڊالر جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. اجلاس کي پيٽروليم ۽ گئس جي ش??بي جي گردشي قرص جي حوالي سان پڻ ٻڌايو ويو. و??ير??عظم گردشي قرض کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٽائٽ گئس ۽ سمنڊ هيٺ تيل جي ذخيرن جي ڳولا جي حوالي سان عالمي سيڙپڪارن جي گهري دلچسپي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صارفين جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي ايل پي جي پاليسي 2024ع تي ڪم جاري آهي جنهن جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت پڻ ڪئي پئي وڃي. بعد ۾ اجلاس کي صنعتي ش??بي ۾ توانائي جي کپت ۽ معدنيات جي ش??بي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي توانائي ش??بي جي سڌارن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم رمضان المبارڪ ۾ صارفين کي بجلي ۽ گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار نه آهي پر نجي ش??بي کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ صارفين خاص طور تي معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي مفادن جو تحفظ آهي. و??ير??عظم ٽائٽ گئس ۽ سمنڊ هيٺ تيل ۽ قدرتي گئس جا ذخيرا ڳولڻ جي لاءِ عالمي سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته پاڪستان جون سامونڊي حد??ن جنهن جي ايراضي بلوچستان کان به وڌيڪ آهي ان ۾ موجود وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم نه کنيا ويا، پاڪستان جي سامونڊي حد?? ۾ تيل ۽ گئس جي وسيع ذخيرن جي ڳولا ۽ انهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ پيٽروليم جي ريفائننگ جي صلاحيت وڌائي وڃي. هن گئس ۽ تيل جي ش??بي جي گردشي قرض کي ختم ڪرڻ ۽ ان مسئلي جي پائيدار حل جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي طلب ڪري ورتي. هن چيو ته گئس ۽ تيل جي ش??بي ۾ چوري ڪندڙن جي نشاندهي ڪري قرار واقعي سزا ڏني وڃي، گئس تي سمارٽ ميٽرنگ سان خساري کي گهٽ ڪيو وڃي، عوام جي رت پگهر جي ڪمائي، قومي خزاني کي وڌيڪ نقصان نه پهچڻ ڏيندس. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته ايل پي جي جي ش??بي جي سخت نگراني يقيني بڻائي وڃي ته جيئن صارفين کي سستي اگهن تي ايل پي جي ميسر هجي. هن چيو ته صنعتن کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، صنعتن ۾ انرجي ايفيشنٽ مشينري هڻڻ يقيني بڻائي وڃي، گهريلو صارفين جي روزاني جي استعمال ??ي شين کي گئس بدران بجلي تي هلائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. و??ير??عظم گذريل حڪومت جي دور ۾ توانائي جي بچت جي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي تي عملدرآمد جي حوالي سان پڻ رپورٽ طلب ڪري ورتي. هن پاڪستان جي توانائي جي ش??بي جي انتظامي ڍانچي کي عالمي رخن تي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته توانائي ش??بي ۾ ميرٽ تي ملڪ جي باصلاحيت ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي، توانائي ش??بي جي سڌارن تي گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي ترجيحي بنيادن تي جوڙي پيش ڪئي وڃي. هن ملڪ ۾ معدنيات جي ذخيرن، انهن جي ڳولا ۽ ان شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پڻ هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.