برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار پهرين نيوڪليئر انرجي سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز جو دورو ڪيو، ??رڏ??هي وزير سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ائ??مي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي بجلي جي پيداوار ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. ??رڏ??هي آفيس پاران جاري بيان موجب هن موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائ??مي توانائي جي اهميت تي زور ڏنو. ??رڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ موسمياتي آفتن کان شديد متاثر ٿيندڙ ملڪ طور گهٽ ڪاربن توانائي جي ذريعن سان گڏ توانائي کي مناسب بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن اسرندڙ ملڪن جي توانائي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فني مدد ۽ گهڻ رخي مالياتي ادارن پاران مالي امداد جي فراهمي سميت عالمي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. هن سويلين نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت کي ٻين ملڪن خاص طور تي اسرندڙ ملڪن سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب ??رڏ??هي وزير آءِ اي اي اي جي ڊئريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات ۾ ائ??مي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال کي وڌائڻ ۾ آءِ اي اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن انرجي مڪس ۾ ائ??مي توانائي جي حصي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ايجنسي جي فني تعاون جي اهميت تي زور ڏنو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ??رڏ??هي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي گهرجي ته اهي اسرندڙ ملڪن ۾ ائ??مي توانائي جي منصوبن جي حمايت ڪن ته جيئن اهي پنهنجي توانائي جي ضرورتن کي پورو ?? زيرو اخراج جي هدفن کي حاصل ڪري سگهن. ??رڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز جي دوري دوران چين جي نائب وزيراعظم زانگ گوچنگ، آذربائيجان جي ??رڏ??هي وزير جيهون بيراموف، ترڪيه جي ??رڏ??هي وزير هاڪان فيدان ۽ گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير الماز روئل سهيل سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بيلجيئم جي وزيراعظم ۽ ڊائريڪٽر جنرل عالمي ائ??مي توانائي ايجنسي جي گڏيل ميزباني ۾ سربراهه اجلاس ائ??مي توانائي ۾ تعاون جي ڳولا، فوسل فيوئل جي استعمال کي گهٽ ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ عالمي اڳواڻن کي ش??مل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪيو. هي ائ??مي سائنس، ايپلي ڪيشنز ۽ پاور تي عالمي ائ??مي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان پاڪستان جي مصروفيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو پڻ هڪ اهم موقعو هو.