اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معيشت جي بحالي کي پهرين ترجيح ۽ سعودي عرب سان لاڳاپن ک?? دنيا جي لاءِ مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته ??اڪ??تان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان سڌارا اچي رهيا آهن، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، سعودي عرب سان اعليٰ سطحي تازن رابطن سان معيشت ۾ بهتري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن العربيه نيوز چينل کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، ??اڪ??تان ۽ سعودي عرب جو دنيا ۾ مثال نه آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جا ڏک ۽ خوشي گڏيل آهن. وزيراعظم چيو ته منهنجو سعودي عرب جو تازو دورو انتهائي ڪامياب رهيو. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گذريل 8 سالن ۾ مثالي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جيڪي سندس مدبراڻي فهم ۽ مثالي قيادت جي سبب ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته شهزاده محمد بن سلمان جو مملڪت جو ويزن 2030ع دنيا جي لاءِ هڪ مثالي ماڊل آهي. سعودي عرب سان اعليٰ سطح جي تازن رابطن سان معيشت ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي ڪنهن به وزيراعظم جو سڀ کان پهرين سعودي عرب جو دورو هڪ روايت رهي آهي. سعودي پرڏيهي وزير ۽ اعليٰ سيڙپڪاري وفد جو ??اڪ??تان جو دورو نئون سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان حڪومت جي پهرين ترجيح معيشت جي بحالي آهي. ڪويت، گڏيل عرب امارات، قطر، ترڪيه ۽ چين سان لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ پرعزم آهيون. دوست ملڪن سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ واپار کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. ??اڪ??تان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. اسان جي حڪومت جي پهرين ترجيح معيشت جي بحالي آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي س??گي?? چئلينجز درپيش آهن، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ٻاهرئين قرضن مان ڇوٽڪارو ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان سڌارا متعا??ف ڪرايا پيا وڃن.