اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (سڀاڻي) 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب ام??را?? جو دورو ڪندو. اهو وزيراعظم جو چونڊجڻ کانپوءِ گڏيل عرب ام??را?? جو پهريون دورو هوندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جي اهم وزيرن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس موجب ان دوري دوران وزيراعظم جي گڏيل عرب ام??را?? جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد سان ملاقات متوقع آهي. ٻئي اڳواڻ واپار ۽ سيڙپڪاري تي خصوصي ڌيان سان گڏ پاڪست??ن ۽ گڏيل عرب ام??را?? جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف جي ٻين ام??را??ي شخصيتن، ڪاروباري شخصيتن ۽ مالياتي ادارن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتن جو امڪان آهي. پاڪست??ن ۽ گڏيل عرب ام??را?? جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ثقافتي وابستگي سان ڳنڍيل آهن. مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ وڏي خاصيت آهي. وزيراعظم جو دورو پاڪست??ن ۽ گڏيل عرب ام??را?? جي وچ ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.