ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي، گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ ??حم?? بن زيد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??حم?? اسحاق ڊار، واپار وارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، دف??ع وارو وفاقي وزير خواجه ??حم?? آصف ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر سان شيخ طحنون بن ??حم?? النهيان ۽ شيخ حزه بن سلطان ا??نهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، اقتصادي ۽ دف??عي شعبن ۾ تعاون تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان جي گڏيل عرب امارات سان حصيداري خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز، غذائي تحفظ، مواصلات، معدنيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي سروسز جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪي??.