آستانه – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائون??ل آف هيڊس آف اسٽيٽ (ايس سي او) جي 24هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قزاقستان جي گادي واري شهر آس??انه ۾ موجود عالمي اڳواڻن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان مل??قات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، ڪرغزستان جي صدر صدير جاپاروف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان به مل??قات ڪئي ۽ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ٻين اڳواڻن سان گ?? اجلاس جي پڄاڻي تي گهڻ طرفي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط ڪرڻ، پائيدار ام?? ۽ خوشحالي طرف جدوجهد جي عنوان سان جاري ٿيندڙ پڌرنامي تي صحيحُون ڪرڻ لاءِ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان، چين، روس، تاجڪستان، ترڪي، ازبڪستان، بيلاروس، ايران، ڪرغزستان، ڀارت ۽ ٻين مُلڪن جي اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.