اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي)نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ڪويت جي سفير عبدالرحمان جاسر المطيري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪويت ۽ پاڪستان وچ ۾ ”جي ٽو جي“ ۽ ”بي ٽو بي“ جي بنياد تي منصوبن ۾ حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ڪويت جي سفير عبدالرحمان جاسر المطيري وچ ۾ وڌيڪ جامع ا??داز ۾ اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير ڪويت ۽ پاڪستان ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي ڳالهيون ??يون. ان موقعي تي ڪويت جي سفير چيو ته پاڪستان جي معيشت جي مضبوطي ۽ گڏيل حصيداري ۾ هر ممڪن تعاون ??نداسين. ڪويت جي سفير خاطري ڪرائين??ي چيو ته ڪويت جا پاڪستان سان لاڳاپا اهميت رکندڙ آهن. سمورن معاهدن کي پڄاڻي تي پهچائينداسين. ڪويتي ادارن طرفان سمورن معاهدن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائينداسين. ڪويت جي سفير وفاقي وزير سان ڳالهائين??ي چيو ته ڪويت مستقبل ۾ پاڪستان سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. ڪويت جي سفير وفاقي وزير عبدالعليم خان کي خراج تحسين پيش ڪن??ي چيو ته اوهان جي هاڻوڪي ڪويت جي دوري سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي.