اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان ڪشميري عوام جي گڏ??ل قومن جي لاڳاپيل قراردادن تحت واعدو ڪيل جائز خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جي اخلاقي، سياس?? ۽ ??فارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڪشمير جي پراڻي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري واحد حل آهي. هن اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.