اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ فنڊن جي فوري فراهمي لاءِ پرعز?? آهي، ضم ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ انهن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪجهه ٻاهران عنصر انهن علائقن ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام سان گڏجي اهڙن ٻاهرين عنصرن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻو آهي. وزي??اع??م ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب اهڙن خيا??ن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي ۾ توانائي، هائير ايجوڪيشن، صحت، ترقياتي منصوبن بابت معاملن ۽ خاص طور ضم ٿيل علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جي رفتار جي جائزي اجل??س جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو.