اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مودي جو انتهاپسند ۽ تعصباڻو نظريو عمران خا?? جي امن جي سوچ کان شڪست کائي چڪو آهي، صدر ٽرمپ جو بيان پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪڌي ڀارتي ڪوشش تي ڪاري ضرب آهي، مودي اسلحي جا انبار ۽ بارود جا ڍير خ??يد ڪري به عمران خا?? جي ڪامياب سفارتڪاري جي س??مه??ن بي وس ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪشميرين تي ظلم عالمي ضمير جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، ٽرمپ جو اهو بيان ثبوت آهي ته ڪشمير هڪ مڃيل عالمي تڪرار آهي، خون ناحق تي پوري دن??ا جو آواز بلند ڪرڻ خوش آئنده آهي.