اسل??م آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ احتياطي تدبيرن سان مسجدون ک??يل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت ۽ عالم س??ورن جي وچ ۾ متفقه پڌرنامي جي خلاف ورزي ٿي ته ڪارروائي ٿيندي، ايندڙ جمعته المبارڪ کي توبهه جي ڏهاڙي ۽ رحمت جي ڏهاري طور ملهايو ويندو، مدرسن جي ٻارن جي لاءِ به گهر ويٺي تعليم جو پروگر??م آندو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزير پير نورالحق قادري سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.