اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي ??والي سان پاڪستان ۾ حالتون دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪنٽرول ۾ آهن، احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۽ عوام ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ سان صورتحال ۾ نمايان بهتري اچي سگهي ٿي، عوام جيڪڏهن ڪورونا وائرس جون علامتون محسو?? ڪري ت?? فوري طور ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي ٽيسٽ جي لاءِ رجوع ڪري، عوام ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان حوالي سان جلد هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. اها ڳالهه وزيراعظم عمران خان نيشنل هيلٿ ٽاسڪ فورس جي ??جلاس جي ??دارت ڪندي چئي.