اسلام آباد – 23 جون (اي پ?? پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي 22 هين سيشن دوران ايوان جي ڪارروائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ايوان جي ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائي ويندي ۽ ايوان جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. خوشگوار ماحول ۾ ايوان جي ڪارروائي جي لاءِ تعاون تي سمورين پارلياماني پارٽين جو ٿورائتو آهيان. اميد آهي ته اسيمبلي جي ايندڙ اجلاسن ۾ به انهي جذبي کي بر??رار رکيو ويندو. پارلياماني اڳواڻن پنهنجي ميمبرن کي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺڻ لاءِ وڌ ک??ن وڌ موقعو فراهم ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.