ڪراچي – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪست??ن تحريڪ انصاف (پي ٽي ??ءِ) ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ ??ال مڪمل ٿيڻ تي 5 آگسٽ کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ٿيندو. پي ٽي ??ءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ استحصال جي ڏهاڙي جي حوالي سان وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ کي هڪ ??ال مڪمل ٿي ويندو، هڪ ??ال اڳ مودي سرڪار ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪيو هو. هن چيو ته 5 آگسٽ تي وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪشم??ري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ استحصال جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪشم??ري عوام سان يڪجهتي جي لاءِ ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته پي ٽي ??ءِ ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ڪندي. ٽرين مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڃي ڪشم??ري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو. پي ٽي ??ءِ جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان جو هر شهري ڪشم??ري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ مودي پاران ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف سخت احتجاج ڪنداسين.