اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) ملڪي پ??رل??اماني تاريخ جي 15 هين قومي اسيمبلي گذريل ٻن سالن دوران مجموعي طور تي 42 بلن سميت توهين آميز خاڪن، تحفظ ختم نبوت، ڀارتي غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ستم ۽ غير قانوني قدم?? جي حوالي سان 43 قرارداد?? جي منظوري ڏني، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊ?? جي نتيجي ۾ 15 هين قومي اسيمبلي 13 آگسٽ 2018ع تي حلف کنيو، گذريل ٻن سال?? جي دوران پ??رل??امينٽ جا 6 گڏيل اجلاس منعقد ٿيا جنهن مان 17 سيپٽمبر 2018ع ۽ 12 سيپٽمبر 2019ع کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪيو. 19 فيبروري 2020ع تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان پ??رل??امينٽ جي ٻنهي ايوان?? جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، ان کانسواءِ پاڪستان کي ڀارت طرفان ڏنل ڌمڪي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ 28 فيبروري 2019ع تي پ??رل??امينٽ جي ٻنهي ايوانن جو خصوصي گڏيل اجلاس منعقد ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ٻن سالن ۾ 2 نجي بل?? جي به منظوري ڏني جنهن ۾ پاڪستان انسٽيوٽ آف پ??رل??امينٽري سروسز بل ۽ دستور (ترميمي) به شامل آهي. دستور ترميمي بل آئي?? جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ ترميم تي مشتمل آهي جيڪو فاٽا جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن بابت آهي، اهو بل قومي اسيمبلي منظور ڪري سينيٽ کي موڪلي ڇڏيو آهي، قومي اسيمبل?? 40 ??ڪومتي بل?? جي منظوري ڏني جنهن ۾ ٻه فنانس بل به شامل آهن.