اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصر پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ پرو??ئگ??ڊه ڪري رهيا آهن، فوج نه هجي ها ته پاڪستان جو حال به عراق، افغانستان، يمن ۽ شام سميت ٻين مسلمان ملڪن وانگر هجي ها، اڳوڻين حڪومتن عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان کليل بدديانتي ڪئي، ادارن ۾ پنهنجي پسند جي ماڻهن کي ويهاري اهڙو نيٽ ورڪ ٺاهيو جي??و بدعنوانين ۾ انهن جي لاءِ سهولتڪاري ڪندو هو، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اڳتي وٺي ويا. پي ٽي وي جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪ??دي هن چيو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ان جي سڄي فيملي ڪاروبار ڪندي هجي اهو ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، اڳوڻين حڪومتن تعليم ۽ صحت جي شعبن سميت عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪو ڪم نه ڪ??و.