تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاق جي مضبوطي جي لاءِ سمورن صوبن ۾ هڪجهڙي ترقي ضروري آهي، بلوچستان ترقي ڪندو ته پاڪستان ترقي ڪندو، پوئتي پيل عل??ئق?? ۾ هڪجهڙي ترقي چاهيون ٿا، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ترقي تي خوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، جن قومن انساني وسيلن تي خرچ ڪيو انهن ئي ترقي ڪئي، تعليم جي ڪري ئي انسان عظمت حاصل ڪئي، ڪاميابي جي لاءِ محنت ڪرڻي پوندي آهي، زندگي ۾ ڪو به شارٽ ڪٽ ناهي هوندو، پن??اب حڪومت پاران بلوچستان جي شاگردن جي لاءِ وظيفن ۾ اضافو خوش آئنده آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار هن دارلاحساس، وسيله تعليم پروگرام ۽ مختلف م??صوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.