اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ڪابل جو منهنجو دورو افغانستان ۾ امن جي حوالي سان پاڪستان جي مضبوط عزم جي اظهار ط??ف هڪ وڌيڪ قدم آهي، افغانستان ۾ امن سان گڏيل رابطن ۽ واپار جا دروازا کلندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪڏهن به تڪرارن جي عسڪري ??ل جو قائل ناهيان رهيو سدائين منهنجو ايمان رهيو آهي ت?? افغانستان ۾ امن سياسي ڳالهه ٻولهه سان حاصل ٿيندو، هن چيو ته اهل افغانستان کانپوءِ ان امن ۾ سڀ کان وڏو حصو اسان جو آهي ڇو ته ان سان گڏيل رابطن ۽ واپار جا دروزا کلندا ۽ خوشحالي افغانستان ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن جو رخ ڪندي