اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مصطفيِ نواز کوکر جي سربراهي ۾ منعقد ٿيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران ??اري بيان موجب ڪميٽي جي اجلاس ۾ معص??م مسيحي ٻارڙي جي اغوا سميت ٻيا معاملا بحث هيٺ آيا، اجلاس ۾ فيصل آباد پوليس ع??لدارن ڪميٽي کي ٻارڙي جي اغوا جي حوالي سان ??اچ عمل کان ??گاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ٻارڙي جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ کانسواءِ ٻي ضروري ڪارروائي اڪلائي وئي، ٻارڙي جي وارثن ان موقعي تي ٻڌايو ته فرح نالي ٻارڙيءَ ۽ ان ??و ڀاءُ وقاص جاڙا آهن، ٻنهي جي پيدائش جي تاريخ فارم (ب) ۾ لکيل آهي، ٻارڙي جي والد پوليس جي رويي جي باري ۾ ڪميٽي کي شڪايت ڪئي، ڪميٽي جي چيئرمين ٻارڙي جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته ذميدارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪميٽي ايس ايس پي کي هدايتون ڏنيو?? ته ان پوري معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪميٽي کي 6 جنوري 2021ع تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.