اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌا??ڌل?? جي شڪايتن جو واحد حل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون آهن، حڪومت ا?? سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، مخالف ڌر کان تجويزون گهريون پر انهن نه ڏنيون، آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت تحت عام چونڊون ٿيون، اتي ا??يڪ??ن ڪميشن جو هڪ ميمبر وزيراعظم جو هم زلف آهي، ڌا??ڌل?? جا الزام سمجهه کان مٿي آهن. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ آزاد ڪشمير جي عام چونڊن ۾ ڌا??ڌل?? جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ غيرجانبدار امپائر نه هجڻ جي ڪري شڪست تسليم نه ڪئي ويندي هئي، اسان غيرجانبدار امپائر جي لاءِ مهم هلائي، 1986ع ۾ پهريون ڀيرو اسان غيرجانبدار امپائر آندا، هاڻي ڪير هارائڻ تي الزام نه ٿو هڻي، اسان جي پهرين حڪومت آهي جيڪا چونڊ سڌارا آڻڻ چاهي ٿي ته جيئن چونڊ عمل ٺيڪ ٿئي، اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو نظام آڻيون، اهو سمورن مسئلن جو حل آهي، ان تي اسان وڏي محنت ڪئي آهي، مخالف ڌر کان ان تي تجويزون گهريون آهن جيڪي انهن نه ڏنيون، آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪرايون، پوليس انهن جي هئي، ا??يڪ??ن ڪميشن جو ميمبر وزيراعظم جو هم زلف آهي، ڌا??ڌل?? جا الزام وزيراعظم هائوس ۾ ويهي وزيراعظم پاران هنيا ويا آهن، انهن سڀني جو حل اي وي ايم آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اهي مشينون تيار به ڪيون آهن، اسان چاهيون ٿا ته ميڊيا ۽ بار ڪائونسل جون سموريون چونڊون ان تحت ٿين، وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ سسٽم جي ڪري ٽرمپ جا ڌا??ڌل?? جا الزام ثابت نه ٿي سگهيا.