اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ??لا??ن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ??لا??ن دوران ڪورونا وائرس سبب 67 فوتگيون ٿ??ون جنهن مان 35 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿ??ون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ??لا??ن دوران سڄي ملڪ ۾3 هزار 582 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کا?? ڪراچي ۾ 17 سيڪڙو، پشاور ۾ 28 سيڪڙو، لاهور 21 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 53، ڪراچي ۾ 57 سيڪڙو، پشاور ۾ 31 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ??لا??ن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 798 ٽيسٽ ??يا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 107، پنجاب ۾ 19 هزار 752، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 116، اسلام آباد ۾ 3 هزار 492، بلوچستان ۾ 2 هزار 825، گلگت بلتستان ۾ 936، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 570 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 44 هزار 275 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 325 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 75 هزار 373 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاث?? ماڻهن جو انگ 10 لک 43 هزار 277 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 25 هزار 34، بلوچستان ۾ 30 هزار 627، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 318، اسلام آباد ۾ 88 هزار 344، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 45 هزار 306، پنجاب ۾ 3 لک 58 هزار 387 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 87 هزار 261 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 529 ٿي چڪو آهي.