اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪينيا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي ??قت??ادي، واپاري ۽ دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وز??ر ڪينيا جي هم منصب ريچل اومامو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وز??رن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپاري ۽ ??قت??ادي تعاون، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان ڪينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. انگيج آفريقا پاليسي اسان جي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪينيا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي ??قت??ادي واپاري دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي وز??ر آڪٽوبر مهيني لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي ڪينيا جي پرڏيهي وز??ر کي مبارڪباد پيش ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وز??رن جي وچ ۾ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي به خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي، شاهه محمود قريشي چيو ته ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني ۽ معاشي بحران تي گهري ڳڻتي آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري افغانين کي انساني ۽ معاشي مدد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻي، پرڏييه وز??ر ڪينين هم منصب کي نيزوبي ۾ موجود، سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستانين جي فوري مدد جي درخواست ڪئي، ڪينين پرڏيهي وز??ر ريچل اومامو نيروبي ۾ سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستانين کي جلد سعودي عرب موڪلڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.