اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب سان ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي وفد ملاقات ڪئي ۽ حڪومت جي ڊجيٽل ميڊيا پاليسي جي آجيان ڪندي مطالبو ڪيو ته ??ي پي اين اي جي موجوده ميمبر پبلي ڪيشنز کي ڊجيٽل ميڊيا پاليسي تحت باءِ ڊيفالٽ رجسٽرڊ ٿيڻ گهرجي، وفد جي ميمبرن سان ڳالهائيندي وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ??ي پي اين اي جي ميمبر پبلي ڪيشنز نئين ڊجيٽل پاليسي تحت بائي ڊيفالٽ رجسٽرڊ ٿيندا، ميڊيا جو ڪو به داره ٽرانسفارميشن جي طرف وڃڻ چاهي ته ??ن جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته ??طلاعات وار?? وزارت جي آفيسرن ۽ ميڊيا ادارن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏينداسين، چوڌري فواد حسين چيو ته ??حافين جي حقن جي تحفظ لاءِ سي پي اين اي جو ڪردار ناقابل فراموش آهي، هن چيو ته ??يجنل پريس مضبوط هجڻ جو فائدو پاڪستان کي ٿيندو، علائقائي اخبارن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪنداسين. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ علائقائي اخبارون صوبائي سبجيڪٽ آهي، وفاق کان پئسو صوبن ڏانهن منتقل ٿيندو آهي، ريجنل اخبارن کي جيڪي سهولتون ملڻ گهرجن اهي نه ملي رهيون آهن، هن چيو ته ??خبارن کي ڊجيٽل ڪرڻ جي لاءِ 10 لک روپين تائين قرض جي سهولت ڏينداسين، انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي وار?? وزارت اخبارن جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ تعاون ڪندي، وفاق?? وزير چيو ته ??برون پکيڙڻ جي ٽيڪنالاجي وڌڻ سان گڏوگڏ علائقائي ميڊيا جي اهيمت ۾ به اضافو ٿيو آهي. علائقائي ميڊيا مقامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، وفاق?? وزير چيو ته 2018ع ۾ جڏهن هو پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيو ته ??ن وقت اشتهارن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ڪم جو آغاز ڪيو، اشتهارن جي نظاام ۾ شفافيت کي ممڪن بڻايو، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ کي پيپرليس ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. جلد پي آءِ ڊي کي پيپر ليس ڪيو ويندو، هن چيو ته هن وقت اشتهارن جو مڪمل نظام پيپر ليس آهي، سمورن اشتهارن کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي، رليز آرڊر ۾ دير جهڙا مسئلا به حل ڪيا وي?? آهن، پي آءِ ڊي کي اي جي پي آر سان ??ڌو سنئون جوڙڻ سان ??دائيگين ۾ وڌيڪ آسانيون پيدا ٿينديون. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته ??پريل 2020ع کانپوءِ اشتهارن جي مد ۾ ادائيگيون دير جو شڪار ناهن ٿيون، 2018ع کانپوءِ سموريون ادائيگيون ڪيون ويون آهن، ڪلائنٽس جي ادائيگين جي حوالي سان ڪجهه مسئلا موجود آهن، انهن تي پنهنجي ڪلائنٽس سان ڳالهيون ڪنداسين، هن چيو ته پاڪستان ??حريڪ انصاف جي حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع منظور ڪرايو، اسان ??ي حڪومت ورڪنگ جرنلسٽس جي پويان ??يٺل آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته ??ي پي اين اي پوري ملڪ جي صحافين جي نمائنده تنظيم آهي، صوبن جي اندر ڊي جي پي آرز ڪم ڪري رهي?? آهن، صوبن ۾ به اشتهارن جي ادائيگين لاءِ 85/15 جو فارمولو لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ڪنداسين، هن چيو ته نئين ڊجيٽل ميڊيا پاليسي سان ??فافيت کي فروغ ملندو، وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين ۽ مملڪت?? وزير فرخ حبيب سي پي اين اي جي وفد جا مسئلا ڌيان ??ان ٻڌڻ ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. هن سي پي اين اي جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد به پيش ڪئي، ملاقات لاءِ آيل سي پي اين اي جي وفد ۾ صدر ڪاظم خان، سينئر نائب صدر اياز خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يوسف نظامي، نائب صدر اسلام آباد سردار خان نيازي، جوائنٽ سيڪريٽري (اسلام آباد) شڪيل احمد ترابي، جوائنٽ سيڪريٽري (سنڌ) غلام نبي خان چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري (پنجاب) تنوير شوڪت، نائب صدر (خيبرپختونخوا) ڊاڪٽر حافظ ثناءُ الله خان، جوائنٽ سيڪريٽري (خيبرپختونخوا) طاهر فاروق سميت ٻيا ميمبر به شامل هئا جڏهن ته پرنسپل انفارميشن آفيسر سهيل علي خان ??ه ملاقات ۾ موجود هو.