اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ رومانيا واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق بخارسٽ ۾ پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي رومانيه جي پنهنجي هم منصب بوگدان اوريسڪو سان ملاقات ۾ طئي ٿيو. رومانيه ۾ پاڪستان جي س??ير ڊاڪٽر ??فر اقبال به پرڏيه?? وزير سان گڏ هو. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رومانيه جي پرڏيه?? وزير بوگدان اوريسڪو رومانيه جي دوري جي دعوت قبول ڪرڻ ۽ رومانيه اچڻ تي پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي س??ورن رخن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيه?? وزير پاڪستان ۽ رومانيه جي وچ ۾ ويجهي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن پاڪستان ۽ رومانيه جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين اتفاق ڪيو ته ٻطرفي س??اسي مشاورت جو ايندڙ دور جلد اسلام آباد ۾ ٿيندو. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن گڏيل اقتصادي ڪميشن کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.