اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پريس ڪلب جي ڪائونسل ميمبر ۽ سينيئر ڪرائم رپورٽر حسنين شاهه جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت مقتول صحافي جي وارثن ۽ صحافي برا??ري سان گڏ بيٺل آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ براب?? جا شريڪ آهيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته صحافي حسنين شاهه جو خون ر??ئيگان نه ويندو، قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته مقتول حسنين شاهه جي پونئيرن کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪ??و ويندو.