اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي سعو??ي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز ??ن سعود بن نائف بن عبدالعزيز ??ل سعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان اسلامي اتحاد کي فروغ ڏيڻ ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ??لسعود جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعو??ي عرب جي ڪوششن جو اعترا?? ڪيو. وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سعو??ي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن ۽ پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ پائيدار ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ اڻٿڪ ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم خاص طور تي مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي سعو??ي عرب جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان کي ڏني ويندڙ تازي مالي امداد تي پڻ سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا. سعو??ي عرب جي خلاف حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت ڪندي وزيراعظم عمران خان سعو??ي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجايو. وڏي انگ ۾ پاڪستانين جي ميزباني تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم عوامي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏوهارين جي مٽاسٽا جي معاهدي جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته ان فريم ورڪ جي ذريعي سعو??ي عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي هڪ وڏي انگ کي پاڪستان واپس موڪليو ويندو. شهزاده عبدالعزيز وزيراعظم کي سعودي ولي عهد پاران خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن سعو??ي عرب جي ترقي ۾ پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو پڻ اعترا?? ڪيو ۽ پنهنجي وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۽ سعو??ي عرب ڀائراڻن رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد، هم آهنگي، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي مستقل حمايت تي ٻڌل آهن.