اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پر??يه?? وزير مخد??م شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان بنگلاديش سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو ??وا??شمند آهي، اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر رو العالم صديقي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پر??يه?? وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پنهنجي قيادت پاران پاڪستاني قيادت لاءِ خير سگالي جو پيغام پهچايو، پر??يه?? وزير چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪجهڙي عقيدي ۽ ثقافت جي بنياد تي هموار آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان گڏ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو ??وا??شمند آهي. پر??يه?? وزير پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو، پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر رو العالم صديقي پر??يه?? وزير جو ٿورو ادا ڪندي ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.