اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اسلامو ف??بيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته نفرت انگيز بيانيي کي لغام ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آئون سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، وزيراعظم عمران خان ??ڏي?? قومن ۾ ڪيل تقريرن ۾ اسلامو ف??بيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف جدوجهد جو آغاز ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي مون ان معاملي کي نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 27 هين اجلاس ۾ اٿاريو. نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ زمين هموار ٿي ۽ اسان امت کي ان مسئلي تي متحد ڪيو ۽ اسلامو ف??بيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف متفقه قرارداد منظور ٿي. ان کانپوءِ پاڪستان ??ڏي?? قومن ۾ قرارداد پيش ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان چيو ته آخري نبي حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ گستاخي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، نفرت انگيز بياني کي لغام ڏيڻ گهرجي، الحمد الله دنيا اسان جي موقف کي تسليم ڪيو آهي ۽ اسان جي تجويز تي اهو ف??صلو ٿيو آهي ته هر سال 15 مارچ کي اسلامو ف??بيا کي روڪڻ جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان کي اسلامو ف??بيا جي خلاف هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، آئون ان ڪاميابي تي سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.