اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم پرامن احتجاج جي لاءِ نڪري، ثابت ٿي ويو آهي ته پي ڊي ا??م غيرملڪي قوت جي دٻاءُ تي بي اعتمادي رٿ آندي آ??ي، اسان جي حڪومت جهڙي ڪارڪردگي ماضي جي ڪنهن حڪومت نه ڏيکاري، پي ڊي ا??م کي ڊپ هو ته اسان مدو پورو ڪيو ت?? انهن جو سياسي دڪان بند ٿي ويندو، مخالف ڌر پنهنجي خلاف ڪرپشن ڪيسز ختم ڪرائڻ جي لاءِ اين آر او ٽو چاهي ٿي، 20، 25 ڪروڙ رپين سان ضمير خريد ڪيا ويا آهن، ڇا ضمير خريد ڪري حڪومت ٺاهڻ جائز آهي؟ ضمير وڪرو ڪندڙن جي سياست ختم ٿي ويندي، اسان اليڪشن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آ??ي، ٽڪيٽس رڳو ان کي ڏينداسين جيڪو ملڪ جو سوچيندڙ هوندو، اميدوارن جا پاڻ انٽرويو ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سڌوسنئون فون ڪالز جو جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ توهان سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي، اسان اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، مخالف ڌر ٽن سالن کان چئي رهي آهي ته حڪومت ناڪام ٿي وئي، مخالف ڌر جي چوڻ تي نئين چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آ??ي، اليڪشن جو اعلان ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر سپريم ڪورٽ ۾ ڇا ڪري رهي آهي؟ اهي گذريل ساڍا ٽن سالن کان اين آر او گهري رهيا آهن، اڳ ۾ مشرف انهن کي ا??ن آر او ڏنو، 10 سالن ۾ ٻيهر انهن جي خلاف ڪيس ٺهي ويا، انهن جي خلاف 90 سيڪڙو ڪيسز ته اڳوڻي دور جا ٺهيل آهن. هن چيو ته شهباز شريف ۽ سندس پٽ ضمانت تي آهن، نواز شريف سزا يافته آ??ي، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اڳ ۾ ته اسان کي ا??يڪشن وڙهڻ جو تجربو نه هو، هاڻي ا??يڪشن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آ??ي، ٽيڪٽس جي ورڇ جي حوالي سان محتاط رهنداسين، ان تي به ڪم شروع ٿي ويو آ??ي، اڳتي ا??يڪشن ۾ اليڪٽيبلز بدران نظريي کي ترجيح ڏينداسين ۽ سوچي سمجهي ٽڪيٽون ورهائينداسين ته جيئن پارليامينٽ ۾ اهڙا ماڻهو اچن جيڪي ملڪ جو سوچين ٿا، بيشڪ اليڪشن هارائي وڃان پر ٽڪيٽ رڳو ملڪ جو مفاد سوچيندڙن کي ئي ڏينداسين ۽ اميدوارن جا پاڻ انٽرويو ڪندس. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر کي عالمي قوتن جي حمايت حاصل هئي، اسان وٽ ثبوت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ به ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو جا اطلاع اچي رهيا آهن، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هوٽل ۾ ميمبرن کي خريد ڪري آندو پيو وڃي، اسان جا ماڻهو انهن جي خلاف ان هوٽل جي ٻاهران احتجاج ڪندا، جمهوريت ۾ ائين قيمتون ناهن لڳايون وينديون نه ئي ٻڪرين وانگر م??مبرن کي بند ڪري رکيو وڃي ٿو، اها ڇانگا مانگا جي جمهوريت آهي. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر کي ا??و چيو ويو آهي ته عمران خان جي حڪومت جو خاتمو ڪندا تڏهن ئي سٺا لاڳاپا قائم ڪيا ويندا، ڇا اها جمهوريت آهي؟ آئون ب?? ان جي خلاف احتجاج جي لاءِ نڪرندس، اڄ ريڊ زون ٻاهران عشاءَ جي نماز کانپوءِ پرامن احتجاج ٿيندو جنهن ۾ عوام کي به شرڪت ڪرڻ گهرجي ڇو ته ٻاهر جي ا??جنڊا تي اسان جي حڪومت جي خلاف سازش ڪئي وئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت جي دور ۾ معيشت جي صورتحال ۾ تمام گهڻي بهتري آئي آ??ي، رڪارڊ روانگي واپار ٿيو آ??ي، پوري ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پاڪستان ۾ پيدا ٿيا، آبادگارن وٽ تمام گهڻو پئسو آيو آ??ي، فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، تعميرات جي شعبي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون جنهن سان روزگار جا موقعا وڌيا ۽ ٽيڪس ۾ به اضافو ٿيو، ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستانين رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو پر هڪ مهيني کان جيڪو هي سياسي بحران پيدا ٿيو آهي ا??و معيشت کي متاثر ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر کي ا??و ڊپ هو ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت مدو مڪمل ڪيو ت?? انهن جا سياسي دڪان بند ٿي ويندا، خيربپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت پنهنجو پهريون مدو مڪمل ڪيو ته اتان جي عوام اسان کي ٻيهر وڏي اڪٿريت سان چونڊيو، بحران جي ڪري رپئي تي بار وڌيو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون قوم تي سدائين امر بالمعروف جي لاءِ زور ڏيندو آهيان، انصاف جي رکوالي ڪرڻ قوم جو ڪم آ??ي، الله تعاليٰ اسان کي سٺائي سان گڏ بيهڻ جو حڪم ڏنو آ??ي، هي ڪهڙي جمهوريت آهي جنهن ۾ پئسو ڏئي ماڻهن کي خريد ڪيو پيو وڃي، ميمبر پنهنجو پاڻ کي وڪرو ڪري رهيا آهن، غيرملڪي مداخلت هاڻي واضح ٿي چڪي آ??ي، ان جي لاءِ عوام کي ا?? جي خلاف احتجاج جي لاءِ نڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پنجاب جي حڪومت زبردست ڪم ڪيو آهي ۽ صحت ڪارڊ ان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو آ??ي، 400 ارب رپيا ان جي لاءِ رکيا ويا آهن، عثمان بوزدار پنجاب ۾ هر خاندان کي هيلٿ انشورنس جي سهولت ڏني. وزيراعظم چيو ته اسان به پئسا ڏئي ماڻهن کي خريد ڪري سگهياسين پئي پر اهو چوري جو پئسو هجي ها ان لاءِ مون ائين نه ڪيو ڇو ته پوءِ مون ۾ ۽ ٻين ۾ ڪو فرق نه هجي ها، منهنجو ضمير اهو ڪم ڪرڻ جي لاءِ نه ٿو مڃي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ پنجاب جي حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي ته پنجاب ۾ هيٺئين سطح تي تمام گهڻي ترقي ٿي آ??ي، آبادگار ڪارڊ جهڙا قدم تاريخي آهن، خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي ڪارڪردگي جي ڪري عوام اسان کي بلدياتي چونڊن ۾ ووٽ ڏنو. وزيراعظم چيو ته آئون ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهيان، آئون دوستي جي حق ۾ آهيان ۽ جنگ جي خلاف آهيان، آئون ان شيءَ جي خلاف آهيان ته هڪ ملڪ اسان کي حڪم ڏي جڏهن ته اسان ان جي لاءِ جنگيون وڙهيون هجن ۽ قربانيون ڏنيون هجن ۽ هو شڪريو به ادا نه ڪري، اسان ڪنهن جي غلامي نه ڪنداسين ۽ پنهنجي ملڪ جي مفاد جي خلاف ڪنهن جي ڳالهه نه مڃينداسين. وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست جي وقت ٻه سپر پاورز هيون جن کي پاڻ ﷺ الله جو پيغام پهچايو، پاڻ ﷺ جي تعليم اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪراچي ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويو آ??ي، وفاقي حڪومت سنڌ جي حڪومت کي ا?? جو حق ڏي ٿي پر سمورا اختيار صوبائي حڪومت وٽ آهن، اسان کي ا??يد آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ اسان سنڌ ۾ به کٽينداسين، ڪراچي کي اختيار ڏينداسين ۽ دنيا جي وڏن شهرن جي ترقي جهڙو ماڊل اتي به آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته ساڍا ٽي سال تمام مشڪل سان گذاريا، اهڙا ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي فائدي جي لاءِ بليڪ ميل ڪندا رهندا هئا، اڳتي چونڊن ۾ ٽڪيٽ انهن کي ڏينداسين جيڪي پنهنجي ذات جو نه پاڪستان جو سوچين ٿا ۽ ضمير وڪرو نه ٿا ڪن. وزيراعظم چيو ته ماصي ۾ ڪنهن هڪومت اسان جهڙي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪيو، پي ڊي ا??م چاهي ٿي ته اها هارس ٽريڊنگ ڪري حڪومت ٺاهي ته جيئن ته سڀ کان اڳ اها پنهنجا ڪرپشن ڪيسز ختم ڪرائي سگهي ۽ چونڊ عمل تي اثرانداز ٿيڻ جي لاءِ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪرائي سگ??ي، مون کي خدشو آهي ته اهي ا?? وي ا??م مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو حق به ختم ڪرائيندا، اي وي ا??م مشين سان چونڊ شڪايتن جو ازالو ٿي وڃي ٿو ۽ ڌانڌلي ممڪن نه ٿي ر??ي، ان لاءِ اهي ا?? جي حق ۾ نه آهن. وزيراعظم چيو ته 90 سيڪڙو پاڪستاني پي ٽي آءِ سان گڏ آهن، پي ڊي ا??م چاهي ٿي ت?? انهن کي ووٽ جو هق نه هجي، انهن ڪڏهن به نيوٽرل امپائر سان گڏ مئچ ناهي کيڏي، ٻاهر جي طاقتن سان گڏجي مئچ فڪس ڪيو آ??ي، ان لاءِ سڄي قوم کي چوان ٿ و ت?? انهن جي خلاف پرامن احتجاج جي لاءِ نڪري ڇو ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ت?? انهن غيرملڪي دٻاءُ تي بي اعتمادي رٿ آندي آ??ي، ان غداري جي خلاف احتجاج لازمي آهي.