اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي، ته اسان جي خواهش هئ?? ته عمران خان وزيراعظم رهي، ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏسندي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، موجوده سياسي صورتح??ل ۾ اهو بهتر فيصلو آهي، ته عوام وٽ وڃڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اسد عمر چيو ته جڏهن قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، ته ڪجهه فيصلا ٿيا ??ئا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو هو ته معاملو ايوان ۾ آندو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو هو. اه?? وڏي مذاق آهي جو رڳو شهباز شريف کي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت ٻڌايو ويو ۽ ٻ??و ڪنهن کي به نه. بلاول زرداري، شهباز شريف ۽ ٻ??ن سياسي پارٽين جي وڏن اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي هئ??. اسد عمر چيو ته اسيمبلي ۾ جڏهن اسان وياسين بابر اعواڻ ٺهراءُ پيش ڪيو، ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس تي بريفنگ لاءِ بل آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڏيڍ سئو کان وڌيڪ اپوزيشن ميمبر به ايوان ۾ موجود ??ئا. ووٽنگ ٿي ته نعرا لڳايا ويا ته رڳو شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ۽ ٻ??و ڪنهن کي به ناهي ٻڌايو ويو. هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ووٽنگ ٿي پر اپوزيشن رد ڪري ڇڏيو. اپوزيشن ٻئي ڏينهن صبح جو ڇو مطالبو نه ڪيو ته اجلاس سڏايو وڃي؟ جنهن وقت اهو سوال سپريم ڪورٽ ۾ اٿاريو ويو تڏهن هو ڪٿي هئا؟ اپوزيشن قوم ۽ سپريم ڪورٽ کي آکاڻي ٻڌائڻ بند ڪري، کين ڪجهه به معلوم ناهي. اسد عمر چيو ته اسان جي خواهش هئ?? ته عمران خان وزيراعظم رهي. ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏسندي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ موجوده صورتح??ل ۾ اهو ئي بهتر فيصلو آهي.