اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اظه??ر راءِ جي آزادي تي ڪنهن قسم جي پابندي جي حق ۾ نه آهيون، هاڻي نه ڪو چئنل ??ند ٿيندو نه ئي ??و پروگرام ۽ نه ئي ??ا اخبار ??ند ٿيندي، اسان اظه??ر راءِ جي آزادي تي پُورو يقين رکون ٿا، فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ عملي ڪوششن جي ضرورت آهي، وزيراعظم جي تازي سعودي عر?? جي دوري جي حوالي سان به فيڪ نيوز هلائي وئي، وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو ذاتي خرچ ٿي رهيو آهي، صرف 13 ميمبر وزيراعظم جي وفد ۾ شامل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت سينيٽر فيصل جاويد ڪئي، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير کانسواءِ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ اطلاعات واري وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي مريم اورنگزيب کي وفاقي وزير جو منصب سڀنالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي، اطلاعات واري وزارت جي عملدارن ”ڊجيٽل ريڊيو مائيگريشن“ پراجيڪٽ جي باري ۾ ڪميٽي کي تفصيلي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ادارن ۾ وقت سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي اڻٽر آهي، هن چيو ته اظه??ر راءِ جي آزادي تي ڪنهن قسم جي پابندي جي حق ۾ نه آهيون، هاڻي نه ڪو چئنل ??ند ٿيندو نه ڪو پرورگرام ۽ نه ئي ??ا اخبار، اسان اظه??ر راءِ جي آزادي تي پُورو يقين رکون ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي عر?? جي دوري جي حوالي سان فيڪ نيوز هلائي وئي، هن ٻڌايو ته شهباز شريف پنجا?? جي وڏي وزير طور به پنهنجي سمورن ٻاهرين دورن جا خرچ پاڻ برداشت ڪيا هئا، وزيراعظم شهباز شريف جو اهو سعودي عرب جو دورو به ذاتي خرچ تي آهي، وزيراعظم سان گڏ جيڪي ماڻهو ويندا اهي به ذاتي خرچ تي وڃي رهيا آهن. هن چيو ته جڏهن به ڪو وزيراعظم ملڪ کان ٻاهر ويندو آهي ته پرڏيهي آفيس جهاز کي اسٽينڊ باءِ لاءِ خط لکندو آهي، اهو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دور به ٿيندو رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته مون ڪالهه پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ به واضح ڪيو هو ته وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي عر?? جي دوري تي ساڻس گڏ سڀ ماڻهو پنهنجي ذاتي خرچ تي ويندا، هن چيو ته وزيراعظم جي سعودي عر?? جي دوري ۾ وفد جي ميمبرن جو تعداد گذريل سمورن دورن جي مقابلي ۾ انتهائي ??هٽ آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي وفد ۾ صرف 13 ميمبر شامل هوندا، ان کان اڳ ڪميٽي جي اجلاس ۾ مختلف ٽي وي چئنلز جي ٽرانسميشن ??ند ٿيڻ ۽ پيمرا پاران نوٽيسز جاري ڪرڻ جي حوالي سان معاملن تي پيمرا چيئرمين بريفنگ ڏني، پيمرا چيئرمين چيو ته پيمرا ڪنهن به چئنل کي ??ند ڪرڻ جون هدايتون جاري ناهن ڪيون، اي آر واءِ جي نشريات پي ٽي سي ايل سمارٽ ٽي وي تي ??ند ناهي ڪئي وئي، هن چيو ته جنهن ڏينهن خبر هلي ته پي ٽي سي ايل تي اي آر وائي جي نشريات ??ند آهي، انهي وقت پي ٽي سي ايل عملدارن سان رابطو ڪيو، هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي آر وائي جي نشريات ڪنهن به جڳهه تي ??ند ناهي ڪئي وئي، اسان اي آر وائي انتظاميه کان انهن ڪيبل آپريٽرز جا نالا به پڇيا جنهن اي آر وائي جي نشرياب ڪئي پر اڃان تائين نشريات ??ند ٿيڻ جو ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪيو ويو. پيمرا چيئرمين چيو ته اي آر وائي ثبوت فراهم ڪري، اسان ايڪشن وٺنداسين. هن چيو ته جنهن وقت نشريات ??ند ٿيڻ جو اطلاع مليو مون ان وقت چيڪ ڪيو، منهنجي گهر تي به اي آر واءِ جي نشريات ڪيبل تي ا??ي رهي هئي، چئنل جي نشريات هر جاءِ تي هلي رهي هئي، اسٽينڊنگ ڪميٽي اي آر واءِ انتظاميه کي هدايت ڪئي ته جن علائقن ۾ ان جي نشريات ??ند ٿي آهي، ان باري ۾ اهو رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن تي پيمرا چيئرمين چيو ته جيڪڏهن اي آر واءِ رپورٽ فراهم ڪري ٿو ته نشريات ??ند ڪرڻ وارن ڪيبل آپريٽرز جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اطلاعات واري وزارت جي انٽرنل پبلسٽي ونگ (آءِ پي ونگ) جي اسٽرڪچر ۽ معاملن جي حوالي سان به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.