ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ب??آم?? ڪندڙن جي مسئلن جي حل لاءِ ضروري انفراسٽرڪچر ۽ موثر ون ونڊو آپريشن جهڙيون سهولتون فراهم ڪري سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪاروباري برادري جي هڪ گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ??لڪ کي درپيش مالياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم واپاري برادري تي زور ڏنو ته اها ب??آم??ي شعبن جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي ترقي تي ڌيان ڏين. هن ان ??قص?? جي لاءِ ??لڪ جي سمورن حصن ۾ ايڪسپورٽ انڊسٽريل زونز تيار ڪرڻ جو واعدو ڪيو جنهن ۾ ب??آم?? ڪندڙن کي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ضروري انفراسٽرڪچر ۽ ون ونڊو آپريشن جهڙيون سهولتون فراهم ڪري سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي. هن گرين ۽ قابل تجديد توانائي جي پيداوار جي لاءِ شمسي ۽ هوا جي شعبن کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇوته پاڪستان تيل جي د??آم?? تي ساليانو 20 ارب ڊالر خرچ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته حڪومت پاران لگزري ۽ غيرضروري شين جي د??آم?? تي پابندي جي فيصلي سان ساليانو 4 ملين ڊالر جي بچت ٿيندي جيڪا پام آئل جي سالياني د??آم?? جي لاءِ ڪافي آهي. وزيراعظم خو??هش ظاهر ڪئي ته واپاري برادري سميت پوري قوم اسان جي خراب سماجي اقتصادي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ڇو ته اڳتي وڌڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي.