اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فلسطين جي حمايت ۾ پاڪستاني پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي نه ايندي، فلسطين تي پاڪستان جي رياستي پاليسي واضح ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان جي عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي خلاف ڪا به پاليسي يا قدم نه ٿيندا، پاڪستان فلسطين جو مسئلو ۽ اسرائيل بابت پنهنجي روايتي ۽ اصولي موقف تي سختي سان عمل پيرا آهي، پرڏيهي وزارت واضح ڪري چڪي آهي ته پاڪستان مان ڪو به وف?? اسرائيل ناهي ويو. پنهنجي پاليسي بيان ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب فلسطينن جي خودمختياري واري حق جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، هن چيو ته ??نيا ٻن رياستي حل کي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن تصور ڪندي آهي، هن چيو ته 1967ع کان پهرين جي سرحدن، بيت المقدس، گادي وارو شهر ۽ جاگرافيائي وحدت رکندڙ فلسطين رياست جو واعدو پورو ڪيو وڃي، اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته والاريل فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا جا پراڻا معاملا آهن، جنهن جو حل عالمي برادري جي ذميداري آهي انهن ٻنهي مسئلن جي منصفاڻي حل تائين دنيا ۾ پائيدار امن هڪ خواب ئي رهندو، هن چيو ته والاريل فلسطين ۽ غير قانوني طور تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته ??ستي سياسي شهريت ??اء?? هر منفي قدم کڻندڙ ??وم?? مفاد جو ته ??يال ڪن، دوري ۾ شامل پي ٽي وي جي اينڪر کي برطرف ۽ آف ??يئر ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل اينڪر پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ دوري تي ويو هو.