اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگزيب عمران خان جي بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي تقرير نفرت تي ٻڌل آهي، جيڪا آئين ۽ ملڪ جي خلاف آهي، راءِ جو اظهار نه پر ملڪ کي ورهائڻ ۽ خدا نه ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ دشمن جي زبان آهي، عمران خان جا بيان آئين جي خلاف آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جا بيان ??فاق تي حملو آهن، وفاق تي حملي جو اعلان، ادارن جي تباهي ۽ ايٽمي پروگرام کسڻ جون ڳالهيون دشمن ڪندو آهي، هن چيو ته عمران خان جي اهڙي تقرير ٽي وي تي نشر نه ٿيڻ گهرجي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جا ٽڪرا ڪرڻ واري هر زبان ??ڪرا ٽڪرا ٿي ويندي، عمران خان جي ملڪ جي خلاف بيانن تي قوم جو رد عمل روڪڻ ممڪن نه ٿيندو، هن چيو ته عمران صاحب نه فارن فنڊنگ تي ڳالهائي رهيو آهي، سچائي پاڻ سازش ڪرڻ وارن پنهنجي زبان سان ادا ڪئي آهي، مريم او??نگزيب چيو ته عمران خان جا بيان آئين، ادارن، پاڪستاني فوج ۽ س??ري?? ڪورٽ تي حملو آهن. اقتدار نه رهي ته آئين، س??ري?? ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن، وفاق تي حملو هڪ بيمار ذهن جي عڪاسي ??هي.