اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي)موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون ڀرپور طريقي سان جار?? آهن، سرنديءَ وارا ٻوڏ متاثرن جي دل کولي مدد ڪن، سياست کان مٿاهون ٿي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ متحد ٿيڻو پوندو، ٻوڏ جي پاڻيءَ مان وبائي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي وزر سيد نويد قمر ۽ قانون ۽ انصاف بابت مملڪتي وزير سينيٽر شهادت اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سينيٽر شيري رمان چ??و ته ايتري شدت سان سانوڻي جون برساتون ڪڏهن ناهن پيون، غير معمولي برساتون ۽ ٻوڏ موسمياتي تبديليءَ جو نتيجو آهن، ڪاربن نيڪال ٿيڻ ۾ پاڪ??تا?? جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. پاڪ??تا?? گلوبل وارمنگ کان شديد متاثر ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. هن چ??و ته 9 هفتن کان ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏ?? آهي، ملڪ جو اڌ حصو ٻوڏ سبب متاثر آهي، ??اڻ??ڪي ٻوڏ جو مثال ماضيءَ ۾ نٿو ملي، ٻوڏ سبب مواصلات جو نظام پڻ متاثر ٿيو، ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب وبائي بيماري ڦهلجي ره?? آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صحت جا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. وفاقي وزير چ??و ته برساتون معمول کان ٽيڻ تي وڌيڪ ٿيون آهن، سياحن کي سياحتي هنڌن تي ڪچرا نه اڇلڻ گهرجي. گلوبل وارمنگ ۾ پاڪ??تا?? جو حصو تمام گهٽ آهي، جيڪي ملڪ ان جا ذميدار آهن انهن کي هن جي ذميداري کڻڻي پوندي. گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري تسليم ڪ??و ته پاڪ??تا?? گلوبل وارمنگ کان متاثر ٿي رهيو آهي. هن چ??و ته مختلف ملڪن ۽ـ ادارن طرفان امداد جي فراهمي جار?? آهي، ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جا اثر پاڪ??تا?? تي مرتب ٿي رهيا آهن. بلوچ??تا??، سنڌ، ڪي پي ڪي ۾ زراعت ۽ چوپائي مال کي شديد نقصان پهتو آهي. سنڌ ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، ٻوڏ دوران دل ڏاريندڙ منظر ڏسڻ ۾ آيا آهن، هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن، لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. هن چ??و ته مڇرن سبب موذي بيماريون ڦهلجڻ جو خطرو آهي. سرنديءَ وارا ماڻهو پنهنجو پنهنجو حصو وِجهن ۽ وزيراعظم رليف فنڊ سميت ٻين ادارن کي عطيو ڏين. پاڪ??تا?? عطيو ڏيندڙ وڏو ملڪ آهي، سڄي ملڪ ۾ امدادي ڪارروايون ڀرپور انداز ۾ جار?? آهن، متاثرن جي بحاليءَ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چ??و ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت في خاندان کي 25 هزار رپيا فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چ??و ته سياسي اڳواڻن کي هڪٻئي تي تنقيد بجاءِ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، سڄي دنيا يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ره?? آهي. شيري رحمان چ??و ته عمران خان جي ميراٿون ۽ فنڊز گڏ ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي، 1971ع کان پوءِ هن وقت ملڪ جي نازڪ صورتحال درپيش آهي، اسان ملڪي مفاد ۾ ڏُکيا فيصلا ڪيا. عمران خان آءِ ايم ايف سان ڊيل ۾ رڪاوٽون وڌيون. ان موقعي تي وفاقي وزير سيد نويد قمر چ??و ته ٻوڏ جي صورتحال سبب سنگين حالتون درپيش آهن، سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه کان وڌيڪ نقصان جو خطرو آهي. هن چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ وڏو قدم کنيو ۽ دوستيءَ جو هٿ وڌايو، اسان کي پاڪ??تا?? ۽ عوام لاءِ سوچڻ گهرجي. هن چ??و ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف سان اڳوڻي حڪومت جي معاهدي جو احترام ڪيو، عوامي ۽ قومي معاملن تي اسان کي گڏجي سوچ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، اسان سڀ عوام جي ڀلائي چاهيون ٿا، اسان کي گڏجي ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. اقتدار خاطر ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن سان زيادتي نه ٿيڻ ??هرجي. مملڪتي وزير سينيٽر شهادت اعواڻ چ??و ته ملڪي مفاد کي نقصان پهچائڻ آئين جي ڀڃڪڙ?? آهي، صوبن کي وفاق جي پاليسين تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته اڳوڻي ناڻي واري وزير ملڪ جي خلاف سازش ڪئي، اسان ملڪ کي ڪنهن به طور تي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش جي مذمت ڪريون ٿا. هن چ??و ته اسان کي گڏجي عوام کي درپيش مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ گهرجي.