اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) هوائي فوج جون سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي ڪارروايون ۽ رليف آپريشن جاري آهي. ايئر هيڊ ڪوارٽرز، اسلام آباد ۾ ڪيل نيشنل آءِ ايس آر اينڊ انٽيگريٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر (اين آءِ آءِ اي او سي) سمورن ڌ??ري?? سان مڪمل هم آهنگيءَ ??ان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحاليءَ ??ي عمل ۾ معاونت ڪري رهيو آهي. ڄاڻايل سينٽر متاثرن جي بحاليءَ ل??ءِ سول انتظاميه کي هر ممڪن مدد ف??اهم ڪري رهيو آهي. هوائي فوج جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ڄاڻايل علائ??ن ۾ متاثر ماڻهن کي امدادي ڪمن ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امداد جي فراهميءَ ل??ءِ ”پاڪستان ايئرفورس فلڊ رليف فنڊ“ به قائم ڪيو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيا الائيڊ بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK85ABPA0010099183680023، عسڪري بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK96ASCM0003851650000097، بئنڪ اسلامي جي اڪائونٽ نمبر K38BKIP0310000096360001، جڏهن ته حبيب بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK09HABB0022997001211801 ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.