اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪري??ري جنرل انتونيو گوتريس جو پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دو??ي جي موقعي تي پرڏيهي وزارت پهچڻ تي استقبال ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. بعد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ گڏيل قومن جي سيڪري??ري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. انتونيو گوتريس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر پاڪستان جي عوام سان گهري همدردي ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دو??ي تي آ??ي. هو ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو پڻ دو??و ڪندو. ان کان اڳ هن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.