اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊيره اسماعيل خان ۾ 12 ڊسمبر جي دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، شهيدن کي خراج عقيدت ??يش ڪيو ۽ وارثن سان ه??درديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار عمران خا??، محمد جميل، محمد شهاب، فضل سبحان، دائود شاهه ۽ رياست خان جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نائيڪ مختيار علي، لانس نائيڪ محمد اسحاق، محمد حيات ۽ صغير احمد جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. هن سپاهي رحمان شاهه، غلام مرت??يٰ?? محمد فياض ۽ امير حسين کي پڻ خراج عقيدت ??يش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنا??، محمد نصير، وقار الله خان، ولي خان، ذوالفقار ۽ نبيل اختر کي ملڪ جي لاءِ شهادت ??اڻڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي، شهيدن جي خاندانن سان ه??دردي جو اظهار ڪيو. هن قوم پاران شهيدن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.