اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان تاريخ جي سڀ ک??ن مشڪل معاشي صورتحال مان نڪري آيو آهي، پهريون ڀيرو اسان جي حڪومت صنعتن جي بحالي کي ترجيح ڏني آهي، ان حڪمت عملي سان روزگار جا موقعا ملندا، ڊيجيٽل ميڊيا ذريعي مظلوم ڪشميري عو??م جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪري دنيا کي باور ڪرايو وڃي ته سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عو??م جي امنگن جي روشني ۾ ڪشمير مسئلي جو حل عالمي دنيا جو فرض آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ وفاقي حڪومت 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فاشسٽ مودي سرڪار هندو راشٽرا جو خواب پو??و ڪرڻ جي لاءِ امن ۽ خطي جي سلامتي کي داءُ تي لڳائي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خ??ن م??تل?? شعبن سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي وفد س??ن ملاقات دوران ڪيو.